| سندھی فورمز سندھی فورمز |
![]() |
|
|
LinkBack | موضوع کے اختیارات | موضوع کی درجہ بندی | ظاہری انداز |
|
|
#1 | |||
|
||||
|
مناظر: 166
|
||||
|
|
#2 |
|
Senior Member
![]() |
داستان ٽيون
1 کُوها ڪالھ کـڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري؛ اَلا جُھري مَ اُنِ جي، اولي جي اَڻِي؛ وَڻجارَنِ وَڻِي، وَکَـرُ وِڌو ٻيڙِيين. 2 وَکَـرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِـئي؛ ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِـئي نه ضاءِ؛ سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَہِ جَنهنجي اُبَهِين. 3 اورِيائين آڻِينِ، ميڙيو مُعۡلِمَ خَبرُون؛ سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري. 4 ٻيڙِي پُراڻِي، وَکُـرَ پاءِ مَ وِتَرو؛ تَري ۾ تُنَ پيا، پاسَنِئُون پاڻِي؛ هِيءِ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙھُ ڪالهوڻي ڏِينهَن کي. 5 تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي؛ کُوهو جُھرُ جهنو ٿيو، لاڄُو سَڀ لَڙياسِ؛ جيلان سَڌَرُ سکاڻياسِ، وَهي تي وَهَ سامهون. 6 ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙِي؛ سَنباهي، سَيَّدُ چئي، مٿي نينڊوُءِ نِينسِ؛ وَٽائي وَڏاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ؛ آخرِ اُهِرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جهازَ کي. 7 اَچِي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين؛ سُتي لوڪ لَطِيفُ چئي، يادِ نه ذرو ڪيوءِ؛ غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهَ تي آندوءِ؛ سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکِين! جو پِيو پُراڻو پوءِ؛ جهازُ ضَعيفَنِ جو، پاڻِيءَ ۾ پَرِتوءِ! سَيَّدُ! ساٿُ سندوءِ، پُرِ بَندَرِ پَهچائِين! 8 جُتو وانءُ جَهازَ! گَڏيو غُرابَنِ سين؛ پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَـڻـجِ سازَ؛ اَچنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا. 9 دَنگِي وِچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي؛ هُو جي واڍي واڻيا، سي سُونهَڻَ سڀ سَڙيا؛ مُعۡلِمَ ماڳِ نه اَڳِئين، فِرَنگِي مَنجھ ڦِرِيا؛ مَلاحَ! تُنهنجِي مَڪُڙِيءَ، اچِي چورَ چڙهيا؛ جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تُنهنجِي! 10 ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نه ڦَٻَنديُون ڳالَهڙِيُون؛ سَڄِيُون راتِيُون سُمهِين، ڀَـرُ سُکاڻَ ڏيئِي؛ صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون. 11 وَهَ تِکَ وَهَڪَرا، جِت لَنگَر نه ٺَهِرَنِ؛ وڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَھجھي زورِ جُنبَنِ؛ نيڍوُءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ؛ مُلان مُعۡلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙِي. 12 وَڻِجارا! ويٺي، تو نه سَرَندِي شاهَ ري؛ مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَر چيٺي؛ پاسا پاکَڙِينِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي؛ جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وڙهندِي تِن سين. 13 ناکُـئو نِگَــهَبانُ، مُعۡلِمَ مُنجي خَبرُون؛ جِن ساري کَنيو سَمنڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ؛ لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تِن لَنگھيو طُوفانُ؛ سَنڀاري سُبۡحانُ، وڃِي عادَنِئُون اُکَتَا. 14 بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛ ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛ ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا! 15 سُتا سَڀِ پَـئِي، سَندي مُعۡلِمَ آسري؛ اَئِين پڻ سُمهو، ناکُـئا! بَندَرِ ناه ڀَــئِي؛ جن جِي سَيدَ لَڄَ کَنئِي، سي سڀ لَنگھيندا لَڪيُون. |
|
|
|
|
|
#3 |
|
Senior Member
![]() |
وائي
ساٿِينِ نَنڌا بارَ، وو! تن پانڌِينِ نَنڌا بارَ؛ توکي آرِسُ اَکَڙِيُنِ ۾! پاتا پاڙيوارِيـين، پَڳہَ منجِھ پاتارَ؛ پَتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تُنهنجڙِي وارَ؛ سَڄِيُون راتيُون سُمهِين، کِيو منجھ خُمارَ؛ ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، هَلڻَ جِي هاڪارَ؟ تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، سَچِي اِيَ سَنڀارَ؛ نِنڊَ نه ڪجي ايترِي، سُڻجِ اَدا يارَ! سائينءَ مُڪين سَچَ کي، تون ڪُوڙو منجھ قَطارَ؛ ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ؟ گِھڙان ٿِي رِءَ گَھڙي، اِلاهِي تُهارَ! هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ سَتارَ! ڪُلُّ نَفۡسٌ ذَائِقَةُ الۡـمَوۡتِ، پَڙهو اِيَ پَچارَ؛ شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجِھ شِڪارَ! يَوۡمَ يَفِرُّ الۡـمَرۡءُ مِنۡ اَخِيۡہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ؛ تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون اوسارَ! لَکَ مِڙيئِي لُٽِيا، هُنئَهِين ويا هَزارَ؛ ڏِنـئه جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿِئين پَرِيـين پارَ؛ جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِـي تُنهنجي دارَ؛ جِيفو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ؛ وَٽِيءَ ڪين وِلَهنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ؛ سا ڪِئَن هَلي تو سين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ؟ جِيَڻُ جالَ نه نِبَهي، سُڻـجِ اِيَ سَنڀارَ؛ جِمَ وِسارِئين ويسِرا! ڀِتِيُن جِي ڀُلڪارَ. |
|
|
|
|
|
#4 |
|
Senior Member
![]() |
داستان چوٿون
1 سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَمَ؛ ٿِيُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ؛ قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصَل ڪري حاجَ تو. 2 چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛ جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ. 3 مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ؛ ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين. 4 وِتُ وِيمي جو جي لَهِين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪَرِئين ڪا؛ سا پَرُوڙِج ڳالھڙِي، وَڻجارَنِ وٽان؛ موتِي مِن هَٿان، آندَءِ گھڻي اَدَبَ سين. 5 اَمُلَ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِينِ مَٽِ؛ جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي، ماڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ؛ جنِين سونَ سين سَٽِ، تِن هَڻِي رِيُّ رَدِ ڪيو. 6 سونا! وانءُ صَرافَ سِيئَن، لَڏو لاهِ مَ لَڏِ؛ سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي. 7 جُه صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پڻ لَڏِجِ، سونَ! قَدُرُ لَـهَندُءِ ڪونَ، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُونءَ سين. 8 اَگِھيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي! پَلَيءِ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران! 9 ويا سي وِينجھارَ! هِيرو لال وِنڌِينِ جي؛ تِـنِين سَندا پويان، سِيهي لَـهَنِ نه سارَ؛ ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنِين ڀيڻِيين. 10 وڃن مَ وِينجھارَ! پاڻِـيَٺَ جي پَرَکَڻا؛ ڪَنۡيَرُ پايو اَکـِئين، لَـهَنِ سَڀَڪَنهِن سارَ؛ موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدرُ مَنجِھ ڪِنارَ؛ صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي! 11 ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيـتِيءَ ۾ پُرزا ٿيو! سَڄو تان، سَيَّدُ چئي، لَهي لَکُ سَوا؛ ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمان پَري ٿيو. 12 جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو؛ سَنئون تِن سُڀاڳُ، اَمُلُ جن اوباهِيو. 13 چورُ اُڀو اِئن چوءِ، ته آئُون اُهوئِي آهيان؛ جي اَسِي اَکِيُنِ هوءِ، نه لِڪي کي ڪونه لَهي. وائي جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي؛ جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻُ پَرَنِجي. هَلَندي حَبِيبَن ڏي، ويلو وِچِ نه ڪجي؛ مَٿان اُهِسَ اُسِرِي، پَتنگَ جِئَن پَئِجي؛ عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي؛ ڪري نِيازُ نِڪَڻو، واحِدَ ڏي وَرجي؛ آهي مَوتُ مِڙَن تي، گوڙِيُون ڪيو گَجي؛ اَجَلُ ايندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سڄي؛ اَڳيان اُونداهيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي؛ کَڻُ تون قُوتُ قَـبَرَ جو، گھڻو ٿو گُھرجي؛ آگو عيبَ اوهانجا، ڍَڪيا ڳُجَھ ٻُجھي؛ جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمجھي؛ ڊِڄِي ڊاءِ ڌَڻِيءَ جي، جيڪو ڀَيءِ ڀَڄي؛ اَمَنُ آهي اُن کي، جو مَنجھ اَلله اَجھي. |
|
|
|