واپس چلیں   پاکستان کی آواز > میرے پاکستان سے > علاقائی زبانیں > سندھی فورمز



سندھی فورمز سندھی فورمز


شاہ جورسالو(سُر ڪلياڻ)

short url
جواب
 
LinkBack موضوع کے اختیارات موضوع کی درجہ بندی ظاہری انداز
پرانا 19-06-10, 03:23 PM   #1
شاہ جورسالو(سُر ڪلياڻ)
مجیب انڑ مجیب انڑ آف لائن ہے 19-06-10, 03:23 PM

داستان پهريون
ساراه هڪ ڌڻيءَ جي جڳائي، جو ٻنهي جهانن جو والي آهي ۽ جنهنجو ثاني ٻيو ڪو به نه آهي. جي سندس هيڪڙائيءَ کي مڃن ٿا، سي ڪڏهن به راه تان ٿڙن نه ٿا ۽ کين ڪوبه ڏک نه ٿو رسي. سچي ڄاڻ وارا صاحب هميشه سن ۾ ٿا گھارين ۽ سارو وقت روحاني ديس جو سير پيا ڪن. کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ هيءَ دنيا ئي آهي. هتي ئي ”جنت جو جام“ حاصل ڪري ٿو سگھجي. هيءَ سموري ڪثرت (گھڻائي) هيڪڙائيءَ مان پيدا ٿي آهي. هي سمورو مانڊاڻ هڪ محل آهي، جنهن کي سهسين دريون آهن. دريءَ دريءَ مان هڪ ئي دلبر جو ديدار ٿو پسجي. هو نه عاشق، نه معشوق، نه خالق، نه مخلوق. پاڻ سونهن جو سر آهي ۽ پنهنجي حسن تي پاڻ حيران آهي.
1
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
2
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛
تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا.
3
اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛
بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين.
4
آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُور ؛
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛
مولي ڪيو معَمُور ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
5
وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛
ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي.
6
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛
ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛
ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان.
7
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
8
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛
ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا.
9
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.
10
عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛
خالق چَؤ مَ خام تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛
سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو.
11
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.
12
پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
13
پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛
پاڻهِين خلقي خُوب، پاڻهِين طالب تن جو.
14
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
15
ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون.
16
ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.

وائي
سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.
__________________
مجیب منصورکا بلاگ
http://urdunama.org/mujeeb/?p=35

 
مجیب انڑ's Avatar
مجیب انڑ
Senior Member
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 344
شکریہ: 287
195 مراسلہ میں 365 بارشکریہ ادا کیا گیا
مناظر: 186
Reply With Quote
2 قاری/قارئین نے مجیب انڑ کا شکریہ ادا کیا
اخترحسین (19-06-10), راجہ اکرام (19-06-10)
پرانا 19-06-10, 03:25 PM   #2
Senior Member
 
مجیب انڑ's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 344
کمائي: 4,360
شکریہ: 287
195 مراسلہ میں 365 بارشکریہ ادا کیا گیا
مجیب انڑ کو MSN کے ذریعے پیغام ارسال کریں مجیب انڑ کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default

داستان ٻيو
پرينءَ وٽ نيٺ پريم جي اَگھائي اَگھي ٿي. ويڄن جون سُتيون، پيڄون ۽ ڊڀ هن اَگھائيءَ ۾ ڪو به اثر نه ٿا ڪن. عاشقن لاءِ سُوري سينگار آهي ۽ مرڻ مشاهدو. جنکي سچي شراب جي طلب آهي، تن کي پنهنجو سر ڪلال جي هٽ تي وڍائڻو آهي. جن سچي شراب جي سُرڪي، سِر جي عيوض ملي ته به سستي چئبي. هي هڏو ۽ چم، پرينءَ جي جي پِڪ برابر به نه آهي. سپرينءَ سان گڏ هڪ ساعت گھارڻ سؤ سرن کان به مٿي آهي. سڪڻ جي معنىٰ ئي آهي سر ڏيڻ. هي بي بها شراب لکئي سان ٿو ملي، نه سر ڏيڻ سان.
1
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان.
2
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تي مُشاهِدو.
3
سُوري آهِ سينگار، اَڳَهِين عاشقن جو؛
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نِظاري نِروارُ؛
ڪُسڻَ جو قَرارُ، اصل عاشقن کي.
4
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪهڙي ليکي سَنَرا؟
جيلَہ لڳا نيڻَ، تي سُوريائِي سيڄَ ٿي.
5
سُوريءَ تي سَؤ وارَ، ڏِهاڙيو چَنگ چڙهين؛
جِمَ وِرچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پَچَار؛
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱيو.
6
پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو.
7
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وڍيندڙَ هٿ ۾؛
پَسيو پَرِ عجيب جي، لِچيو وڃي لوهُ؛
عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو.
8
ڪاتِي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائِي هوءِ؛
مانَ وِر مَن توءِ، مُون پِريان جا هٿڙا.
9
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباها؛
ڪات نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائين گَھٽِ؛
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ؟
ڪلالڪي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهي.
10
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي؛
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي؛
تڪ ڏيئي پِڪَ پِيُ تون، منجھان گھوٽ! گھاٽي؛
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو سهانگو.
11
جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ؛
مَهيسَر جي مَنڌَ جِي، هُتِ هَڏهِين هُوءِ؛
جان رمز پروڙيم روءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻي.
12
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪي ملھ مهانگو مَنڌُ؛
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ؛
هِيُ تنِين جو هنڌُ، مَن پاسِ مَرَنِ جي.
13
عاشَق زهر پِياڪَ، وِهُ ڏسِي وِهُسَنِ گھڻو؛
ڪڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ؛
لڳين لنؤ، لَطِيفُ چئي، فَنا ڪيا فِراقَ؛
توڻي چِڪَنِنِ چاڪَ، ته به آهَ نه سَلِن عامَ کي.
14
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جي، جي تون ٽارِئين ٽُوهُ؛
پِتي جنهن پاسي ٿئي، منجھان رَڳُن رُوح؛
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
15
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ؟
حُه ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍيا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ؛
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جن جا سَٽِ ۾.
16
سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوھَ جنين جا ديڳِ ۾؛
سي مَرُ ڪن پَچارَ، حاضر جن جي هَٿ ۾.
17
اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ؛
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ؛
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
18
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي؛
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِئن اچنِ؛
لڌا تي لَڀَنِ، مُلھِ مَهانگا سُپرينِ.
19
مُلھ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت؛
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.

وائي
مَنڌُ پئندي مون، ساڄَنُ سهي سُڃاتو؛
پِي پِيالو عِشقَ جو، سڀڪِي سمجھيو سُون؛
پِريان سندي پارَ جِي، اَندرِ آڳ اَٿُون؛
جِئڻُ ناهي جَڳَ ۾، ڏينهن مِڙيئي ڏُون؛
اَلا، عَبۡدُاللَّطِيفُ چئي، آهين تُون ئي تُون.
مجیب انڑ آف لائن ہے   Reply With Quote
2 قاری/قارئین نے مجیب انڑ کا شکریہ ادا کیا
اخترحسین (19-06-10), راجہ اکرام (19-06-10)
پرانا 19-06-10, 03:26 PM   #3
Senior Member
 
مجیب انڑ's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 344
کمائي: 4,360
شکریہ: 287
195 مراسلہ میں 365 بارشکریہ ادا کیا گیا
مجیب انڑ کو MSN کے ذریعے پیغام ارسال کریں مجیب انڑ کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default

داستان ٽيون
1
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
2
اَورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنهن حَبِيبُ؛
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ؛
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحتَ سُپِرين.
3
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ؛
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ؛
خَنجرُ تنهن خُوب هڻي، جنهن سين ٿئي يارُ؛
صاحِبُ رَبُّ ستَّارُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جون.
4
رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
5
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ؛
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ، وَ تَذِلُّ مَنۡ تَشَاءُ.
6
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪہ نه سَلامُ؟
ٻيا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جنِين ديکيو.
7
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ؛
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
8
پريان سَندي پارَ جي، مِڙيئي مِٺائي؛
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
9
تو جنِين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي؛
’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات؛
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
10
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇيو سَڄَڻين؛
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ؛
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏهانڪُون نه لهي.
11
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٿُ حَبِيبَ جو؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ؛
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ؛
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.
12
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ؛
نيزي هيٺان نِينهنَ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ؛
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.
13
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ؛
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ؛
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
14
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ لَـهَنِ، ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي ماءِ! مُهَنِّ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
15
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ؛
اِها عادتَ سِکيو، هَر زَمان حبيبُ؛
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.
وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ؛
پِرِين اچي پاڻَ ڪِيو، سندو غورُ غريبَ؛
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھون تَنَ طبيبَ؛
اَديُون! عَبۡدُاللَّطِيفُ چَئي، هاتِڪُ آهِ حبيبُ.
مجیب انڑ آف لائن ہے   Reply With Quote
مجیب انڑ کا شکریہ ادا کیا گیا
اخترحسین (19-06-10)
پرانا 19-06-10, 03:30 PM   #4
Senior Member
 
اخترحسین's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Aug 2009
مقام: karachi
مراسلات: 1,529
کمائي: 37,057
شکریہ: 4,903
809 مراسلہ میں 1,922 بارشکریہ ادا کیا گیا
اخترحسین کو ICQ کے ذریعے پیغام ارسال کریں اخترحسین کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default

گڈ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔























ادا بھلی کرے آیا ۔۔۔۔۔۔۔بھلی کرے آیا
اخترحسین آف لائن ہے   Reply With Quote
پرانا 19-06-10, 03:33 PM   #5
Senior Member
 
مجیب انڑ's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2010
مقام: خیرپور۔کراچی۔سندھ
عمر: 29
مراسلات: 344
کمائي: 4,360
شکریہ: 287
195 مراسلہ میں 365 بارشکریہ ادا کیا گیا
مجیب انڑ کو MSN کے ذریعے پیغام ارسال کریں مجیب انڑ کو Yahoo کے ذریعے پیغام ارسال کریں
Default

اوھان جی مھربانی ادا سائیں۔شال خوش ھجو آباد ھجو
مجیب انڑ آف لائن ہے   Reply With Quote
مجیب انڑ کا شکریہ ادا کیا گیا
اخترحسین (20-06-10)
جواب

Tags
کي, کان, پيدا, وقت, قائم, لا, مان, محل, مخلوق, معلوم, الله, اثر, به, جانِ, حُسن, حقيقت, حاصل, حسن, خام, دنيا, سي, سچن, شاہ, طلب, طالب


Currently Active Users Viewing This Thread: 1 (0 members and 1 guests)
 
موضوع کے اختیارات
ظاہری انداز Rate This Thread
Rate This Thread:



تمام اوقات پاکستانی معیاری وقت ( +5 GMT) کے لحاظ سے ہیں۔ ابھی وقت ہے 12:33 PM

Powered by vBulletin® Copyright ©2000 - 2012, Jelsoft Enterprises Ltd.
Content Relevant URLs by vBSEO
جملہ حقوق نشرو اشاعت ©2000 - 2012,پاکستان کی آواز - پاکستان کے فورمزکی انتظامیہ کے پاس مخفوظ ہیں۔ ہم اردو ترجمے کے لیے جناب زبیرکے مشکور ہیں-
اپنا بلاگ مفت حاصل کریں wordpress.pk
ہم pak.net ڈومین نیم کے لیے جناب فاروق سرور خان کے مشکور ہیں

Template-Modifications by TMS
vBCredits v1.4 Copyright ©2007 - 2008, PixelFX Studios
Ad Management plugin by RedTyger