واپس چلیں   پاکستان کی آواز > میرے پاکستان سے > علاقائی زبانیں > سندھی فورمز



سندھی فورمز سندھی فورمز


شريعت اسلامية ۾ ڌيئرن جو مقام

short url
جواب
 
LinkBack موضوع کے اختیارات موضوع کی درجہ بندی ظاہری انداز
پرانا 18-05-11, 11:27 AM   #1
شريعت اسلامية ۾ ڌيئرن جو مقام
skjatala skjatala آن لائن ہے 18-05-11, 11:27 AM

شريعت اسلامية ۾ ڌيئرن جو مقام

مضمون نگار: الشيخ شميم الحق انصاري

ڌيئرن ۽ نياڻين کي عربي زبان ۾ بنات ۽ هڪ کي بنت چيو ويندو آهي. ٻنهي الفاظ جو ذڪر قرآن مجيد ۽ احاديث مبارڪه ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيو آهي.
موجوده معاشرو جيڪو جاهليت جي طورطريقن ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جنهن ۾ نياڻين کي ايترو ته گهٽ ۽ حقير سمجهيو وڃي ٿو جو ڪافي علائقن ۾ مختلف بهانن سان ڪارو-ڪاريءَ يا جاهلي غيرت ۾ اچي انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. شهري علائقن ۾ وري نياڻين کي ايترو ته آزاد ڇڏيو وڃي ٿو جو اهي عورتون شرعي ۽ اخلاقي حدن کي اورانگهي وڃن ٿيون.

قارئين! جيڪڏهن اسان شريعت کي هر وقت مدنظر رکون ته اسان کي ذلت ۽ رسوائي جو منهن ڏسڻو نه پوي. الله تعاليٰ بيبي مريم عليها الصلاة و سلام جي پاڪدامني، عزت ۽ بلند مقام جو ذڪر هڪ نياڻي جي حيثيت سان متعارف ڪرايو آهي.
وَمَرْيَمَ ابْنَتَ عِمْرَانَ الَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا (التحريم:12)
۽ عمران جي ڌيءَ مريم جو مومنن لاءِ مثال ڏجي ٿو جنهن پنهنجي شرمگاه جي حفاظت ڪئي.
شعيب عليه الصلواة والسلام جي ٻن فرمانبردار نياڻين جو ذڪر الله تعاليٰ پنهنجي عظيم ڪتاب قرآن مجيد ۾ ڪيو آهي.
وَوَجَدَ مِنْ دُونِهِمُ امْرَأتَيْنِ تَذُودَانِ قَالَ مَا خَطْبُكُمَا قَالَتَا لَا نَسْقِي حَتَّى يُصْدِرَ الرِّعَاءُ وَأَبُونَا شَيْخٌ كَبِيرٌ (القصص:23)
موسيٰ عليه السلام ٻين کان الڳ ٿلڳ ٻه عورتون ڏٺيون جيڪي پنهنجي جانورن کي هٽائين پيون. پڇيائين ته توهان جو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟ جواب ۾ وراڻيائون ته اسين تيستائين پاڻي نه ٿيون پياري سگهون جيستائين ڌنار پياري وڃن ۽ اسان جو پيءُ پوڙهو بزرگ آهي.
انهن مان هڪ جي ته سٺي اخلاق ۽ حيا جو ذڪر به قرآن ۾ هنن الفاظن سان ڪيائين:
فَجَاءَتْهُ إِحْدَاهُمَا تَمْشِي عَلَى اسْتِحْيَاءٍ قَالَتْ إِنَّ أَبِي يَدْعُوكَ لِيَجْزِيَكَ أَجْرَ مَا سَقَيْتَ لَنَا (القصص:25)
انهن ٻن مان هڪ شرم ۽ حيا سان آئي ۽ (موسيٰ عليه السلام) کي چيائين ته منهنجو پيءَ توهان کي سڏي پيو تانته توهان کي پاڻي پيارڻ جي اجرت ڏي.
غور ڪريو ته عورت جي انهن الفاظن ۾ ڪيترو ادب سمايل آهي. موسيٰ عليه السلام کي ايئن نه چيائين ته هليا اسان جي گهر بلڪه اهڙا الفاظ استعمال ڪيائين جن ۾ ڪو شڪ جو شائبو نه رهيو ته منهنجو پيءُ توهان کي سڏي پيو تانته توهان کي پاڻي پيارڻ جي اجرت ڏي. (ابن ڪثير) بلڪه عبدالله بن مسعود ﷦ جي بقول: اَفۡرَسُ النَّاسِ ثَلَاثَة. سڀ کان وڌيڪ صاحب فراست ٽي شخصيتون گذريون آهن جن مان هڪ شعيب عليه السلام جي پياري نياڻي آهي جنهن پنهنجي پيءُ کي ٻن لفظن ۾ ڳالهه سمجهائي ته موسيٰ (عليه السلام) کي اجرت تي رکو ۽ مزور ۾ به خوبيون هئڻ کپن جيڪي هن ۾ آهن. هڪ طاقت ٻيو امانت.
ان واقعي جو ذڪر الله تعاليٰ قرآن ۾ هنن الفاظن سان ڪيو آهي:
يَا أَبَتِ اسْتَأْجِرْهُ إِنَّ خَيْرَ مَنِ اسْتَأْجَرْتَ الْقَوِيُّ الْأَمِينُ (القصص:26)
اي ابا! هن (موسيٰ عليه السلام) کي اجرت تي رکو ڇو ته ڀلو مزور جنهن کي توهان رکو اهو اهو آهي جيڪو طاقتور ۽ ايماندار آهي. (بحواله ابن ڪثير ج5، ص13 بتحقيق عبدالرزاق مهدي)
نياڻين متعلق شريعت اسلاميه جيڪا اسان جي رهنمائي ڪئي آهي ان متعلق ڪجهه وضاحت:
• ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ تي ڪا به غمگيني ۽ نااميدي جو اظهار نه ڪجي ڇو ته اها مشرڪن ۽ ملحدن جي عادت آهي. جيئن قرآن ۾ آهي:
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالْأُنْثَى ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ (النحل:5
۽ انهن مان ڪنهن کي نياڻين جي پيدا ٿيڻ جو ٻڌايو ويندو آهي ته ان جو چهرو ڪارو ۽ غمگين ٿي ويندو آهي.
غمگيني جو اظهار ڪرڻ معنيٰ مشئيت الاهي تي ناراض ٿيڻ آهي، جڏهن ته پٽ ڌيءَ ڏيڻ جو معاملو خالص الله وٽ آهي.
يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ يَهَبُ لِمَنْ يَشَاءُ إِنَاثًا وَيَهَبُ لِمَنْ يَشَاءُ الذُّكُورَ (الشوريٰ:49)
جنهن کي چاهي ڌيئرون ڏي جنهن کي چاهي پٽ ڏي.
ياد رکجي ته الله تعاليٰ هتي اناث نياڻين کي پهرين ذڪر ڪيو آهي، اشارو ڏيندي ته اهي عورتون باعث نحوست ۽ غم نه بلڪه خوشبختي جو باعث آهن. جيئن امام ثعالبي ان ڳالهه کي ذڪر ڪيو آهي ته عورت جو ڀاڳ ان ۾ آهي ته پهرين ڌيءَ ڄڻي. (تفسير قاسمي ج 8، ص 352)
ڌيءَ جي پيدائش تي عقيقو ڪرڻ:
عمومي طور تي ٻهراڙين ۾ اها هڪ عادت پئجي چڪي آهي ته ڌيءَ جي ڄمڻ کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي، انهن کي بار سمجهيو ويندو آهي جنهن ڪري انهن جو عقيقو به نه ڪيو ويندو آهي، اها ڳالهه غلط ۽ انتهائي خطرناڪ آهي بلڪه پنهنجي ٻار تي ظلم ڪرڻ جي مترادف آهي جو فرمان نبوي ﷺ آهي ته :
كُلُّ غُلاَمٍ رَهِينَةٌ بِعَقِيقَتِهِ تُذْبَحُ عَنْهُ يَوْمَ السَّابِعِ (ابوداؤد، طبراني. احمد. دارمي وغيره)
”هر ٻار پنهنجي عقيقي جي عيوض گروي آهي.“
تنهن ڪري ان جي بدلي ستين ڏينهن جانور ذبح ڪيو وڃي، ان کي ڇڏائڻ اسان جي ذميداري آهي. رسول الله ﷺ جن جو فرمان
عَنِ الْغُلاَمِ شَاتَانِ مُكَافِئَتَانِ وَعَنِ الْجَارِيَةِ شَاةٌ
”پٽ جي طرفان ٻه هڪ جيتريون ٻڪريون ۽ ڌيءَ جي طرفان هڪ ٻڪري. (ابودائود، نسائي)
- ڌيءَ تي سٺو نالو رکيو وڃي:
فرمان نبوي آهي، قيامت جي ڏينهن توهان کي پنهنجن نالن ۽ پيئرن جي نالن سان سڏيو ويندو. تنهن ڪري پنهنجا نالا سٺا ۽ سهڻا رکو. (مسند احمد، بلوغ الاماني) امام بخاري به ان ڳالهه طرف باب قائم ڪيو آهي. بخاري مع الفتح 10/490. اهو به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪٿي نياڻين جا نالا رکيا ويا آهن جيڪي خراب معنيٰ يا بي معنيٰ آهن يا وري هندن سان مشابهت رکندڙ نالا آهن. تنهن ڪري اهڙن نالن کي تبديل ڪري شريعت مطابق سٺا نالا رکيا وڃن. جن عورتن جا پاڻ ﷺ جن نالا تبديل ڪري ٻيا نالا رکيا هڪ پوڙهي عورت پاڻ ﷺ جن وٽ آئي، پاڻ سڳورن ان کان نالو پڇيو. جواب ۾ هن چيو ته جتامة المزنية. پاڻ ﷺ فرمايو تون حسنانة المزنية آهين. ان کان پوءِ پاڻ ﷺ ان سان اهڙي ته سٺي نموني سان پيش آيا جو امان عائشه رضي الله عنها حيران ٿي ويئي. امان عائشه رضي الله عنها استفسار ڪيو، پاڻ سڳورن فرمايو: خديجه (رضي الله عنها) جي دور ۾ هيءَ عورت اسان وٽ ايندي هئي. شعب الايمان بيهقي 9122 و صححھ المحقق.
سيدنا عمر ﷦ جي هڪڙي نياڻي جو نالو عاصية (نافرمان) هو. پاڻ ﷺ جن ان جو نالو تبديل ڪري جميله رکيو. (ترمذي ابن ماجه)
ايتري حد تائين جو پاڻ سڳورن قبيلن ۽ علائقن جي نالن کي به تبديل ڪيو آهي. جيئن بنوالزنية جو نالو تبديل ڪري بنوالرشدة رکيائون.
عفرة (بنجر) ڳوٺ جو نالو تبديل ڪري خضرة رکيائون. صحيح ابودائود 4956 سلسلة صحيحية.
نالا تبديل ڪرڻ جا ٻه سبب آهن. (1) مثبت سوچ جي طرف توجه (2) انساني زندگي تي غلط نالن جو اثر. جيئن سعيد بن مسيب جي ڏاڏي جو نالو حزن (غمگيني سختي) هو پاڻ ﷺ ان جو نالو سهل رکيائون. پر هن ان کي ٺڪرائي ڇڏيو. سعيد چوي ٿو ته جنهن بعد سختي ۽ غمگيني اسان جي خاندان ۾ هلندي رهي. (بخاري مع الفتح 10/704)
ڌيئرن جي پرورش:
ياد رکجي ته ڌيئرن جي پرورش کاڌي خوراڪ، لباس، خرچي ڏيڻ، پيار ڪرڻ ۾ پٽن سان برابر ڪجي. ايستائين جو ٻارن کي چُمي ڏيڻ ۾ به برابر ڪجي. هڪ شخص پاڻ ﷺ جن سان گڏ ويٺو هو ته سندس ننڍڙو پٽ آيو. فاخذه فَقَبَّلَهٗ ثم اجلسهٗ في حجره. ان کي چُمي ڏنائين بعد ۾ هنج ۾ ويهاريائين جنهن کان پوءِ سندس نياڻي آئي ان کي صرف پنهنجي پاسي ۾ ويهاريائين. پاڻ ﷺ اهو ماجرو ڏسي فوراً فرمايائون: الاعدلت بينهما. انهن جي وچ ۾ برابري ڇو نه ڪيئي؟ (الصحيحة 1913 مجمع الزوائد مع تحقيق ج:8 ص:287 وقال رواه البزار)
ان مسڪين عورت جي واقعي ڏانهن نظر وجهون، جڏهن ان کي کائڻ لاءِ هڪ کجور ملي ان ۾ به انصاف ڪري پنهنجي ٻن نياڻين کي اڌواڌ ڪري ڏئي ٿي جنهن تي پاڻ ﷺ جن ارشاد فرمايو:
مَنِ ابْتُلِىَ مِنْ هٰذِهِ الْبَنَاتِ بِشَىْءٍ فَأَحْسَنَ إِلَيْهِنَّ كُنَّ لَهُ سِتْرًا مِنَ النَّارِ (صحيح بخاري، مسلم ترمذي)
جيڪو نياڻين سان آزمايو ويو پوءِ انهن سان سٺو سلوڪ ڪيائين ته اهي نياڻيون ان جي لاءِ جهنم کان آڙ ٿينديون.“
- ڌيئرن جي پرورش ڪرڻ انهن تي صبر ڪرڻ سان رسول الله ﷺ جن جي محبت جنت ۾ داخلا، جهنم کان حفاظت نصيب ٿيندي.
سيدنا انس بن مالڪ ﷦ جي روايت آهي جنهن ٻن يا ٽن ڌيئرن جي سٺي پرورش ڪئي تان جو انهن جي رخصتي ٿي ويئي ته اهو رسول الله ﷺ جن سان هن گڏ هوندو، پوءِ پاڻ سڳورن ٻن آڱرين سان اشارو ڪيائون. (مسلم، ترمذي، حبان)
ابن عباس ﷦ جي روايت آهي ته اهي ڌيئرون ان کي جنت ۾ داخل ڪنديون. (ابن ماجه، حاڪم، ابن حبان، و صححھ الباني في صحيحھ 2776)
عقبه بن عامر جي روايت ۾ آهي ته جنهن ٽن نياڻين تي صبر ڪري انهن جي پرورش ڪئي انهن جي لباس ۽ کاڌي خوراڪ جو خيال رکيائين ته اهي نياڻيون جهنم کان رڪاوٽ جو سبب بنجنديون.
حتمي جنت جي بشارت:
سيدنا جابر ﷦ جي روايت ۾ آهي ته جنهن کي ٽي نياڻيون آهن انهن تي رحم ڪري ٿو انهن جي سٺي ڪفالت ڪري ٿو، اهڙي شخص لاءِ جنت حتمي طور تي واجب آهي. پڇيو ويو اي الله جا رسول (ﷺ)! جيڪڏهن ٻه نياڻيون آهن. پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن ٻه نياڻيون آهن ته به. (مسند احمد بلوغ الاماني: 9539، طبراني اوسط 4199)
ڌيئرن کي ديني تعليم ڏيارڻ واجب آهي:
فرمان نبوي ﷺ آهي: طلب العلم فريضة عليٰ کل مسلم . ”علم جو حصول هر مسلمان تي فرض آهي.“ ان حڪم ۾ عورتون به شامل آهن ڇو ته فرمان نبوي ﷺ آهي: النساءُ شقائق الرجال. ”عورتون مردن جو حصو آهن.“ (سلسلة صحيحة مرتبه علي الابواب الفقهيھ 1935) يعني جيڪو حڪم مردن کي، اهو عورتن کي به آهي. سواءِ ڪنهن تخصيص اچڻ جي هر حڪم ۾ عورتون مردن سان شامل آهن. اهو ئي سبب آهي ته رسول الله ﷺ جن انصار صحابيات جي تعريف ڪئي آهي ته دين سکڻ ۾ حيا جي ڪري رڪجن ڪو نه ٿيون.
قارئين ڪرام! عيسائي ادارا اسان مسلمان عورتن جي پٺيان پئجي چڪا آهن. هي ادارا مسلمان عورتن ۾ ڪافي عرصي کان پنهنجي تهذيب ۽ تعليمات عام ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن جنهن ۾ هنن کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ان جو مظهر ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ عورتون جو حال آهي.
1911 ۾ عيسائي ادارن طرفان لکنوءَ جي هڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجن ماتحتن کي ٻن ڳالهين تي ڌيان ڏياريو ويو. (1) حالات حاضره تي نظر (2) مشنري طرفان هلايل تعليم نسوان جي تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ. بلڪه بيروت، لبنان ۾ ڇوڪرين جو اسڪول قائم ٿيو ته هڪ مستشرق جي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته بيروت ۾ ڇوڪرين جو اسڪول منهنجي اک جو تارو آهي.
اسان جي ذلت جو سبب اهو به آهي ته اسان جون عورتون ديني تعليم کان عاري آهن. انهن کي ديني تعليم ڏيڻ جي طرف ڪا توجه نه آهي، اسان انهن نياڻين کي بلڪل ناڪاره سمجهي جاهلت جي اونڌاهين ۾ ڇڏيو آهي. اسان کي انهن فتنن جو مقابلو ڪرڻو آهي نه ڪه انهن ۾ داخل ٿيڻو آهي. ان ڪري ڪنهن شاعر جو قول آهي:
الام مدرسة اذا اعد تها- اعددت شعبا طيب الاعراق
”ماءُ هڪ مدرسو آهي جڏهن تو ان کي تيار ڪيو ته تو هڪ مضبوط جڙن واري نسل کي تيار ڪيو.“ (ملخص مع تصرف من تحفة العروس ص:164)
ڪاش! اسان دين کي سمجهون ۽ انهي تي عمل ڪري اعتدال واري راهه کي اختيار ڪريون ۽ انهن تباهين کان بچي سگهون.
ڌيءُ جو نڪاح ديندار شخص سان ڪرائجي:
عمومي طور تي اسان وٽ رشتي لاءِ انهن ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي آهي جيڪي مالدار هجن يا ڪنهن پروفيشنل ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هجن. جڏهن ته شريعت اسان کي ديندار ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. حڪم رسول الله ﷺ آهي:
اِذَا أَتَاكُمْ مَنْ تَرْضَوْنَ خُلُقَهُ وَدِينَهُ فَزَوِّجُوهُ إِلاَّ تَفْعَلُوا تَكُنْ فِتْنَةٌ فِى الأَرْضِ وَفَسَادٌ عَرِيضٌ (ابن ماجه)
”جڏهن توهان وٽ ديندار بااخلاق ماڻهو جو رشتو اچي ته ان کي نڪاح ۾ ڏيئي ڇڏيو جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته زمين ۾ وڏو فتنو فساد ٿي پوندو.“
- ڌيءَ جي نڪاح کان اڳ ان کان اجازت وٺجي:
نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي:
اِذا اَرَادَ الرَّجَلُ اَنۡ يُزَوَّجِ ابۡنَتَهٗ فَلۡيَسۡتَاۡذِنۡهَا (صحيحه مع ترتيب 1889)
”ڪو توهان مان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائي ته ان کان اجازت وٺي.“
- ڌيءَ کي طلاق ملڻ کان پوءِ ان جي سارسنڀال جي فضيلت:
سراقه بن جعشم ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته تو کي سڀ کان وڏي صدقي جو ڏس ڏيان. چيائين هائو، اي الله جا رسول (ﷺ). پاڻ ﷺ جن فرمايو:
اِبۡنَـتُک مَرۡدُوۡدَةٌ اليک ليس لها کاليت غيرک.
”تنهنجي اها ڌي جيڪا تو ڏانهن واپس موٽائي وڃي (طلاق جي ڪري) ۽ ان جو تو کان سواءِ ڪو ڪمائڻ وارو نه هجي. (طبراني ڪبير ج:8، ص:129، والادب المفرد ص:80 زوائد ابن ماجه الامام البوصيري رقم 1249.) هي چند نصيحتون نياڻين جي متعلق هيون. الله تعاليٰ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين
__________________
اس دور میں تعلیم ہے امراضِ ملت کی دوا
ہے خونِ فاسد کے لیے تعلیم مثل نیشتر

 
skjatala's Avatar
skjatala
Senior Member
تاریخ شمولیت: Apr 2011
مقام: مسلم ہیں ہم، وطن ہے سارا جہاں ہمارا
عمر: 50
مراسلات: 1,654
شکریہ: 9,774
1,376 مراسلہ میں 4,253 بارشکریہ ادا کیا گیا
مناظر: 399
Reply With Quote
3 قاری/قارئین نے skjatala کا شکریہ ادا کیا
فیصل ناصر (18-05-11), آبی ٹوکول (18-05-11), راجہ اکرام (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 12:11 PM   #2
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 21,576
کمائي: 315,259
شکریہ: 25,210
16,395 مراسلہ میں 41,642 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

السلام علیکم
جزاکما اللہ خیرا

اسلامی شریعت میں بیٹیوں کے مقام کے حوالے سے یہ ایک شاندار تحریر ہے ۔ اور بہت سے معاملات میں رہنمائی فراہم کرتی ہے۔
آج کے دور میں بیٹیوں اور خواتین کو ان کا حقیقی مقام دینے کے لیے یقینا شریعت کی طرف رجوع کی ضرورت ہے۔
اس طرح کی تحاریر کو ہر زبان میں عام کر کے یہ کام کسی حد تک کیا جا سکتا ہے۔
__________________
محتاج اصلاح و دعا

راجہ اکرام آف لائن ہے   Reply With Quote
راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا گیا
skjatala (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 12:14 PM   #3
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 21,576
کمائي: 315,259
شکریہ: 25,210
16,395 مراسلہ میں 41,642 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

ایک حقیقت جسے ہم مانتے تو ہیں لیکن کما حقہ عمل نہیں کرتے
اقتباس:
الام مدرسة اذا اعد تها- اعددت شعبا طيب الاعراق
”ماءُ هڪ مدرسو آهي جڏهن تو ان کي تيار ڪيو ته تو هڪ مضبوط جڙن واري نسل کي تيار ڪيو.“ (ملخص مع تصرف من تحفة العروس ص:164)
راجہ اکرام آف لائن ہے   Reply With Quote
راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا گیا
آبی ٹوکول (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:02 PM   #4
Senior Member
 
آبی ٹوکول's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Oct 2008
مراسلات: 2,353
کمائي: 52,343
شکریہ: 4,405
1,840 مراسلہ میں 6,858 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

ڈاڈی سُٹھی تحریر آھی جزاکم اللہ خیرا
آبی ٹوکول آن لائن ہے   Reply With Quote
آبی ٹوکول کا شکریہ ادا کیا گیا
skjatala (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:09 PM   #5
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 21,576
کمائي: 315,259
شکریہ: 25,210
16,395 مراسلہ میں 41,642 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

سائین آبی ۔۔۔۔۔۔ اوھان کی بہ سندھی ایندی آھی چھا ؟؟
اوھان جو تبصرو پڑھی ڈاڈھو سٹھو لگو
راجہ اکرام آف لائن ہے   Reply With Quote
راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا گیا
آبی ٹوکول (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:14 PM   #6
Senior Member
 
آبی ٹوکول's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Oct 2008
مراسلات: 2,353
کمائي: 52,343
شکریہ: 4,405
1,840 مراسلہ میں 6,858 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : راجہ اکرام مراسلہ دیکھیں
سائین آبی ۔۔۔۔۔۔ اوھان کی بہ سندھی ایندی آھی چھا ؟؟
اوھان جو تبصرو پڑھی ڈاڈھو سٹھو لگو
پڑھ اور سمجھ تو قریبا ساری لیتا ہوں مگر لکھنا بھول گیا ہوں اور یہاں پر سندی فانٹ کا بھی مجھے علم نہیں ۔۔۔
__________________
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پیکرِ دلرُبا بن کے‌ آیا ،روحِ ارض و سما بن کے آیا
سب رسولِ خُدا بن کے آئے ،وہ حبیبِ خُدا بن کے آٰیا
آبی ٹوکول آن لائن ہے   Reply With Quote
آبی ٹوکول کا شکریہ ادا کیا گیا
skjatala (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:33 PM   #7
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 21,576
کمائي: 315,259
شکریہ: 25,210
16,395 مراسلہ میں 41,642 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اور بولنے کے حوالے سے کیا صورتحال ہے؟
راجہ اکرام آف لائن ہے   Reply With Quote
2 قاری/قارئین نے راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا
skjatala (18-05-11), آبی ٹوکول (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:38 PM   #8
Senior Member
 
آبی ٹوکول's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Oct 2008
مراسلات: 2,353
کمائي: 52,343
شکریہ: 4,405
1,840 مراسلہ میں 6,858 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اقتباس:
اصل مراسلہ منجانب : راجہ اکرام مراسلہ دیکھیں
اور بولنے کے حوالے سے کیا صورتحال ہے؟
بولنے کہ حساب سے روانی نہیں کیوں کہ کبھی بولی ہی نہیں اب تو پڑھے ہوئے بھی قریبا 20 سال ہوگئے سکول میں تھے تو سندھی لازمی تھی وہ بھی آٹھویں تک مگر بولی تو کبھی ان زمانوں میں بھی نہیں تھی بس مجھے ایک حمد بڑی پسند تھی جو کہ آج بھی میں گنگناتا رہتا ہوں اکثر و بیشتر اسکا پہلا مصرعہ ہی ۔ ۔
اول اللہ ، علیم اعلٰی عالم جو دنی
قائم پھنجی قدرت ساں قائم آھی قدیم
کہ سب سے پہلے اللہ جو کہ سب سے بڑا علیم ہے اور دنیا کا بنانے والا ہے
خود اپنی قدرت سے قائم ہے اور ازل سے ہے ۔۔
آبی ٹوکول آن لائن ہے   Reply With Quote
آبی ٹوکول کا شکریہ ادا کیا گیا
skjatala (18-05-11)
پرانا 18-05-11, 04:52 PM   #9
ناظم اعلی
 
راجہ اکرام's Avatar
 
تاریخ شمولیت: Jan 2009
مقام: ڈیرا درویشاں دا
مراسلات: 21,576
کمائي: 315,259
شکریہ: 25,210
16,395 مراسلہ میں 41,642 بارشکریہ ادا کیا گیا
Default

اول اللہ علیم، اعلٰی عالَم جو دھنی
قادر پنھجی قدرت سین قائم آھی قدم
والی واحد وحدہ رازق رب رحیم
سو سارہ سچو دھنی چئی حمد حکیم
کری پان کریم جوڑون جوڑ جہان جی

پوری حمد آپ کے نذر
راجہ اکرام آف لائن ہے   Reply With Quote
2 قاری/قارئین نے راجہ اکرام کا شکریہ ادا کیا
skjatala (18-05-11), آبی ٹوکول (18-05-11)
جواب

Tags
color, فرض, وقت, قرآن, متعارف, مجمع, محبت, مسلمان, آزاد, جواب, حال, طلاق, طاقتور, عمران, عامر, عادت, عباس, عبدالله, عبدالرزاق, عزت, غيرت, غور, غلط, صبر, صرف


Currently Active Users Viewing This Thread: 1 (0 members and 1 guests)
 
موضوع کے اختیارات
ظاہری انداز Rate This Thread
Rate This Thread:



تمام اوقات پاکستانی معیاری وقت ( +5 GMT) کے لحاظ سے ہیں۔ ابھی وقت ہے 12:33 PM

Powered by vBulletin® Copyright ©2000 - 2012, Jelsoft Enterprises Ltd.
Content Relevant URLs by vBSEO
جملہ حقوق نشرو اشاعت ©2000 - 2012,پاکستان کی آواز - پاکستان کے فورمزکی انتظامیہ کے پاس مخفوظ ہیں۔ ہم اردو ترجمے کے لیے جناب زبیرکے مشکور ہیں-
اپنا بلاگ مفت حاصل کریں wordpress.pk
ہم pak.net ڈومین نیم کے لیے جناب فاروق سرور خان کے مشکور ہیں

Template-Modifications by TMS
vBCredits v1.4 Copyright ©2007 - 2008, PixelFX Studios
Ad Management plugin by RedTyger